سنڌ

شهيد وين ڊرائيور جي وارثن لا 10 لک ۽ نوڪري جو اعلان

قانون واري صلاحڪار، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي يونيورسٽي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل وين ڊرائيور جي وارثن لاءِ فوري طور تي 10 لک رپيا امداد جو اعلان ۽ خاندان جي هڪ فرد لاءِ سرڪاري نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، گلشن معمار ۾ شهيد وين ڊرائيور جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي دلي همدردي جو اظهار ڪيو، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضي وهاب چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ هو ساڻن گڏ آهي، سنڌ حڪومت شهيدن جي ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جو انتظام ڪندي. وين ڊرائيور جي وارثن پاران مرتضي وهاب کي لاش جي جلد سڃاڻپ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي وئي ته جيئن ڪفن دفن جو انتظام ڪيو وڃي جنهن تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کين ميت جي سڃاڻپ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، مرتضيٰ وهاب چيو ته هي افسوسناڪ سانحو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن جنهن جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي هڪ ناسور آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، يونيورسٽي انتظاميا جي سهڪار سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ سخت ۽ موثر بڻايو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button