سنڌ

گهوٽڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڏير هٿان ڀاڄائي قتل

گهوٽڪي ۾ گهرو اڻبڻت تان ڏير پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو. خبر موجب گهوٽڪي جي قادريه فيڪٽري جي رهواسڻ 35 سالن جي مسرت خاتون کي ڏير گهرو اڻبڻت تان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپو مقتول عورت جي وارثن اهڙو اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيو، جنهن تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان دوران قتل ٿيل عورت جي وارثن ٻڌايو ته مسرت خاتون کي سندس ڏير ياسر ڪولاچي گهرو اڻبڻت تان قتل ڪيو آهي. قتل ٿيل مسرت خاتون کي 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جو اولاد آهي. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button