سنڌ

بلاول ڀٽو شهيد ڀٽو وانگر ڪيريئر جي شروعات پيو ڪري:شرجيل ميمڻ

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي ڪابينا ۾ بطور پرڏيهي وزير شموليت تي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جيالن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي آخري اميد آھي. جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. سندس پرڏيهي وزير طور تقرري شھيد ڀٽو جي عظيم روايتن جي امين آهي. ھن چيو ته تاريخ پاڻ کي ورجائي رھي آھي ، شھيد ڀٽو جو ڏوهٽو پنھنجي نانا جيان ڪيريئر جي شروعات ڪري رھيو آھي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت جمھوريت، قانون ، آئين ۽ پارليامينٽ جي فتح آھي. شھيد ڀٽو جو سياسي وارث بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ضرورت آھي. ھن چيو ته فقط بلاول ڀٽو زرداري ئي سليڪٽڊ نيازي حڪومت جي ناڪام پرڏيهي پاليسي کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو 2023 جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button