سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن 14 سال اڳ مبينا قتل ٿيل نوجوان پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي محمد ابڙو دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2007ع دوران نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي سڱاوتي معاملي تان جوابدارن الهرکيو موجائي، رزاق موجائي ۽ ٻين قتل ڪري ڇڏيو هو، واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو، جنهن جي خون سان انصاف لاءِ سالن کان احتجاج ڪري رهيو آهيان، پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button