سنڌ

باڊهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

باڊهه شهر جي درگاهه شريف محلي جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف خالي دٻا کڻي درگاهه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاجي سڪندر علي ڪانڌڙو، شفن ابڙو، سڪندر مشوري، جميل ميمڻ، وسيم ڀنڊ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي ۽ ڪرپشن سبب واٽر سپلائي جا موٽر ٻن مھينن کان خراب آھن جنھن ڪري پاڻي جي رسد بند ٿي چڪي آھي، شھري سخت گرمي ۽ رمضان مھيني ۾ پاڻي کان محروم آھن، سرندي وارا ته پئسن تي پاڻي خريد ڪن ٿا جڏھن ته پورھيت ۽ ھاري سڄو ڏينھن ڊٻا ڪلھي تي رکي ڏورانھن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته راشي آفيسر کي بنا دير هٽائي پاڻي وارا نوان موٽر لڳايا وڃن ۽ موٽرن کي هلائڻ لاءِ سولر پلانٽ لڳايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button