سنڌ

ڪراچي حملي جي ذميوارن کي قيمت چڪائڻي پوندي:چين

چين ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي حوالي سان چيو ته چيني شهرين جو خون رائيگان نه ويندو ۽ هن واقعي جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن، اهي يقينن ان جي قيمت چڪائيندا. اربع ڏينهن چيني ميڊيا مطابق ترجمان مطابق گذريل ڏينهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي مسافر وين کي بم ڌماڪي سان اڏايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 چيني ٽيچر مارجي ويا هڪ چيني استاد زخمي ٿيا، چين هن حملي جي سخت مذمت ۽ سخت ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ متاثرن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو اهي ترجمان مطابق چين جي پرڏيهي وزير ووجيانگ هائو چين ۾ پاڪستاني سفير کي فون ڪري سخت خدشن جو اظهار ڪيو، هن گهر ڪئي ته پاڪستان فوري طور واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي. ووانگ وين بين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ گهاٽي دوستي آهي ۽ چين پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ تعاون ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعمير کي نقصان پهچائڻ جي ڪابه ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي ۽ دهشتگردن کي يقينن انهن جي ڏوهن جي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي. دهشتگرد حملي کان پوءِ پاڪستاني وزيراعظم شهبازشريف تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن جو چوڻ هو ته پاڪستاني حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪندي. قصور وارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي، چيني ادارن جي سيڪيورٽي مضبوط ڪئي ويندي. شهبازشريف چيو ته ان جي حڪومت ڪڏهن به ڪنهن طاقت کي پاڪ چين دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. سي ٽي ڊي مطابق حملا آور هڪ برقعو پهريل عورت هئي. جنهن هڪ اسڪول بيگ ۾ ڌماڪيدار مادو لڪل هو، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس به حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button