سنڌ

ٺل ۾ جساف پاران ڪراچي ۾ نوجوان جي قتل خلاف احتجاج

ٺل ۾ جساف (بشير قريشي) ۽ نوجوان سوشل فورم طرفان ڪراچي ۾ عبدالسميع سومرو جي قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن آڪاش سنڌي، سجاد سنڌي، وحيد سنڌي، نوجوان سوشل فورم اڳواڻ بشير سرڪي ۽ ٻين چيو ته هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌي ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿئي ۽ هو ڪراچي مان لڏي وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمور واسي 6 ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ عبدالسميع سومرو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button