سنڌ

ڏهرڪي ۾ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ استاد کان 12 لک ڦر

ڏهرڪي ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو. نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربند نجي بينڪ مان رقم ڪڍرائي ويندڙ جروار واسي پرائمري استاد رجب بوزدار کي رهڙڪي روڊ تي سميجا فلور مل وٽ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 12 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي. متاثر استاد راحب بوزدار ٻڌايو ته آئون شهر جي نجي بينڪ مائڪرو فناس مان 12 لک روپيا ڪڍرائي پنهنجي استاد سان گڏجي رهڙڪي درٻار ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته 2 موٽر سائيڪل سوار نامعلوم هٿياربند روڪي رقم ڦر ڪري ويا. مونکان ڦر ڪندڙ جوابدار مون سان گڏ بينڪ ۾ ويٺل هو، جنهن ڪري مونکي شڪ آهي ته ڦر واقعي ۾ بئنڪ عملو ملوث آهي. ڦر واقعي جو اطلاع ڏهرڪي پوليس کي ڏيڻ باوجود دير سان پهتي. هن مطالبو ڪيو ته ڦر واقعي جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button