سنڌ

مانجهند ۾ ايس يو پي جو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مانجهند شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري پبلڪ هيلٿ خلاف احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي. ان موقعي تي يوسف عمراڻي، شاھنواز شاهه ۽ علي نواز ڪنڀر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڻي انسان جي جيئاپي جو ذريعو آهي. پبلڪ هيلٿ انتظاميا مانجهند شهر واسين کي پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ پبلڪ هيلٿ جي نااهل انجنيئر عرفان ٻڪ جي من ماني جي ڪري 22 ڏينهن کان مانجھند شهر جا ماڻهو پاڻي لا وقت به وقت احتجاج ڪري رهيا آهن. مانجهند ٽائون جي 10 هزار آبادي آهي. وڏي ڳالهه هي آهي ته شهر درياهه جي ڪپ تي هجڻ باوجود انسان سميت هر ساهه ڀري شئي پاڻيءَ لا تڙپي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button