سنڌ

قائد عوام يونيورسٽي مان شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ خلاف مظاهرا

قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه پاران شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ نواب شاهه ۾ مختلف شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي سلمان ڪيريو، حنان عباسي، زين راڄپر، ھالار جمالي، خالق ڏاھري ۽ ٻين ڪئي. دادو ۾ ڪامران شاھاڻي، نور جويو، ذڪريه جمالي، سهراب جمالي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. شاهپورچاڪر ۾ شھزاد ڏاهري، جبار رخشاڻي، جانب وساڻ، محمود رخشاڻي ۽ بابر ڏاهري ۽ ٻين علمدار چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه حق ۽ سچ چوڻ تان شاگرد سجاد کوسو، سھيل جمالي، وقار جمالي، حمزه آرائين، امجد مگسي، اسامه انڌھڙ، حسنين مستوئي ۽ ٻين کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا انھن شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو آھي، جن کي پاس آئوٽ ٿيڻ ۾ ڪجھه مھينا بچيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button