سنڌ

ڪنڊيارو ۾ ڦر مزاحمت تي نوجوان قتل،لاش رکي ڌرڻو،عدالت نوٽيس ورتو

ڪنڊيارو ۾ لاکاروڊ تي ڳوٺ لنڊو موري وٽ موٽرسائيڪل جي ڦر مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي 40 سالن جي نوجوان غلام عباس لاشاري کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هوڏانهن مقتول جي وارثن پهچي ڄام ڳوٺ وٽ قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهي ويون. احتجاج جي اڳواڻي فدا حسين، عجب علي، غلام مصطفيٰ، حاڪم زادي، مائي سون ڪئي. اطلاع تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو عبدالرزاق بگٽي ۽ ايس ايڇ او ڪنڊيارو علي اڪبر کوکر پهچي ڳالهيون ڪيون پر احتجاج ڪندڙن اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز يا ايم اين اي ابرار علي شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون ڪري، جنهن کانپو ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 5 ڪلاڪن بعد احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو. ايم اين اي ابرار علي شاهه چيو ته قاتلن جي گرفتاري لا پوليس 48 ڪلاڪن جي مهلت گهري آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button