سنڌ

کدڙا فقير اڄ به حقن کان محروم،اعلانن تي عمل نه ٿيو

سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود کدڙا فقيرن کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ اڃا تائين سنڌ حڪومت پاران ڪوٽا تحت نمائندي نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ هزارين کدڙا فقير سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، حڪومت پاران سار نه لهڻ سبب کدڙا فقير فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، کدڙا فقيرن جي تنظيم جيا جي مرڪزي نائب صدر مظهر انجم پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت سوين کدڙا فقير ۾ راشن تقسيم ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظهر انجم چيو ته حڪومت جي بي ڌياني سببکدڙا فقير تمام ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، حڪومت پاران اهو اعلان ڪيو ويو هو ته کدڙا فقيرم کي زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمائندي ڏني ويندي پر اڃا تائين روزگار لاءِ ڪوبه اپاءُ نه ورتو ويو آهي. مظهر انجم چيو ته اسان شڪر گذار آهيون خاص طور تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جا جنهن کدڙا فقيرن کي شناختي ڪارڊ کان ويندي زندگي جي هر شعبي ۾ نمائندگي لاءِ فيصلو ڏنو، جنهن تي هن وقت تائين صوبائي حڪومتن ڪوبه عمل ناهي ڪيو، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ کدڙا فقيرن وڏي انگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي هئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير سعيد غني، سيد ناصر حسين شاهه پڻ موجود هئا، سنڌ حڪومت اهو اعلان ڪيو هو ته کدڙا فقيرن کي زندگي جي هر شعبي ۾ حق ڏنا ويندا پر هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، خاص طور تي ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جو صوبائي وزير ساجد جوکيو کدڙا فقيرن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري رهيو آهي، اسين صوبائي وزير ساجد جوکيو جي تڪ جا ماڻهو آهيون پر ڪڏهن به صوبائي وزير ساجد جوکيو انسان سمجهي اسان ڏي لڙي اچڻ جي زحمت ناهي ڪئي، اسين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪريون ٿا ته ڊسٽرڪٽ ملير سميت سڄي سنڌ جي کدڙا فقيرن جي واهر ڪئي وڃي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button