سنڌ

عمران ملڪ کي اونداهين طرف وٺي وڃي رهيو آهي:آصفا ڀٽو

آصفه ڀٽو زرداري وزيراعظم شهبازشريف ۽ ان جي وفد خلاف مسجد نبوي صلعم ۾ نعريبازي ڪرڻ تي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته مسلمانن جي مقدس ترين مقام مسجد نبوي صلعم ۾ سينيئر وزيرن تي شرمناڪ حملي جي مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته عمران ۽ ان جي وڌندڙ انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف پاران اڻ سهپ کي هوا ڏني پئي وڃي، جيڪا پاڪستان کي نهايت اونداهين رستي تي وٺي وڃي رهي آهي پنهنجي ٽوئٽ ۾ آصفه ڀٽو چيو ته هن فرقه پرستن لاءِ ڪجهه شرم جي ڳالهه ۽ سنجيدگي سان سوچڻ جي ڳالهه آهي، جيڪي بنيادي شرافت جي موت تي خوشيون ملهائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button