سنڌ

پي ٽي آئي سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون:شرجيل ميمڻ

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مسجد نبوي واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته رمضان شريف ۽ محرم الحرام ۾ ڪافر به جنگ ناھن ڪندا. افسوس آهي جو رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پي ٽي آئي مسجد نبوي ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. صوبائي وزير ٽوئيٽ ۾ چيو ته مسجد نبوي صلعم جي توھين نامنظور. ھن چيو ته جنھن مقدس مقام تي وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ جي به اجازت ناھي ، ان مقام تي اھا حرڪت ڪئي وئي آهي. اڄ پاڪستانين جا ڪنڌ شرم ۾ جھڪي ويا آهن. جيڪي روضه رسول صه جو احترام نٿا رکن ، انھن لا ملڪ ۽ قوم جو وقار ڪابه اھميت نٿو رکي. رب پاڪ انھن ماڻھن کي هدايت فرمائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button