سنڌ

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جا پول پڌرا،عملي جي تربيت ئي نه ٿي

ڪراچي يونيورسٽي ۾ 55 مان 50 سيڪڙو ڪئميرائون خراب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب ڪراچي يونيورسٽي ڪئمپس جي سيڪيورٽي ايڊوائيزر ڊاڪٽر زبير اعتراف ڪيو ته 50 سيڪڙو ڪئميرائون خراب آهن. ڪراچي يونيورسٽي جي ناقص سيڪيورٽي، چوديواري ٻن درجن کان وڌيڪ هنڌن کان ٽٽل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي چوديواري سيڪيورٽي رسڪ بڻيل آهي، 6 سال اڳ ايڇ اِي سي ڪراچي يونيورسٽي کي سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي مد ۾ 5 ڪروڙ 50 لک رپين جي گرانٽ جاري ڪئي هئي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ 146 مرد جڏهن ته 7 ليڊي اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر آهن. 30 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي چيڪنگ لاءِ ڪراچي يونيوسٽِ ۾ رڳو 7 ليڊي سيڪيورٽي اهلڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 8 ڪلاڪن جي ٽن شفٽن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجا فرض نڀائين ٿا، هڪ شفٽ ۾ 48 سيڪيورٽي اهلڪار ڪراچي يونيورسٽي ۾ فرض نڀائين ٿا. ڪراچي يونيورسٽِ انتظاميا مهيني وار 50 لک رپين کان وڌيڪ رقم سيڪيورٽي اهلڪارن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪري ٿي، جڏهن ته نتيجو ٻڙي نڪتو. ڪراچي يونيورسٽِي ۾ ماضي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون. ڪراچي يونيورسٽي جا 150 کان وڌيڪ سيڪيورٽِ اهلڪار بنا تربيت جي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن وت نه هٿيار آهن، نه ئي سيڪيورٽي لاءِ لٺ. ڊاڪتر زبير جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي انتظامن جي مد ۾ ملندڙ رقم گذريل انتظاميا خرچ نه ڪئي، چوديواري جي مرمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خراب سي سي ٽي وي ڪئميرائن کي جلد ٺيڪ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button