سنڌ

نوشهروفيروز ۾ کنڀيل بازياب نه ٿيا، ايس ايڇ او کي جيل موڪلڻ جو چتا

نوشهروفيروز مان صحافي حيدر پلھه، زاھد مري، شرجيل تڳر ۽ ٻين کي گم ڪرڻ بابت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز محبوب عالي جواھري جي نوٽيس وٺڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج قمر الدين عباسي جي عدالت ۾ شنوائي ٿي. عدالت جي جج پڊعيدن ٿاڻي جي ايس ايچ او منير لغاري کي تنبيھه ڪندي چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل ماڻھو بازياب نه ٿيا ته جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪير ڪيترو به بااثر ڇو نه ھجي اھو توھان کي ڪو غير قانوني حڪم ڏئي ٿو ته توھان اھو ڇو ٿا مڃو؟ ڇو ٿا ڊڄو؟ توھان کي خدا جو خوف ناھي. توھان قانون تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جا ذميوار آھيو. عدالت وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنھن ڏوهه ڪيو آھي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت ايس ايڇ او کي سبب ڄاڻايو نوٽيس ڏيندي چيو ته کنڀي گم ڪيلن بابت جلد مطمئن ڪندڙ جواب ڏيو، ٻي صورت ۾ توھان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ايس ايڇ او پڊعيدن منير لغاري عدالت ۾ ڪلمو پڙھي ٻڌايو ته مون کي کنڀيلن بابت ڪا به ڄاڻ ناھي. عدالت ۾ موجود کنڀي گم ڪيلن جي مائٽن ٻڌايو ته پڊعيدن جي اھلڪارن کي اسان سڃاتو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button