سنڌ

عيد جا ڪپڙا کڻي ويندڙ 2 ڀائر ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت

گهوٽڪي ڀرسان المناڪ حادثو پيش آيو آهي. عيد جا ڪپڙا کڻي ويندڙ 2 معصوم ڀائر ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويا، 13 سال جو عبدالحميد ابڙو ۽ 9 سال جو عبدالمجيد ابڙو درزي کان عيد جا ڪپڙا کڻي موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته قومي شاهراهه مهيسرو بس اسٽاپ وٽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٻئي گلن جهڙا معصوم ڀائر مرجهائجي ويا. اهڙي اطلاع تي بي سيڪشن پوليس پهچي فوت ٿيل ڀائرن جي لاشن کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپو فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جا مڙهه گهوٽڪي جي ڳوٺ عطر ابڙو نيا ويا ته سندن گهر ۾ قيامت صغرا برپا ٿي وئي. عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ھوڏانھن بي سڪشن پوليس ڊرائيور کي ٽرالر سميت حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button