سنڌ

پڊعيدن ۾ صحافي حيدر بخش پلهه کي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو

پڊعيدن ۾ صحافي حيدر بخش پلهه کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن ۽ صحافين ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي عبدالجبار پلهه، سهيل پلهه، وقار ابراهيم راڄپر، آزاد ابراهيم راڄپر، ممتار علي ابڙو، عبدالوهاب لاشاري، عرفان الحق آرائين، رفيق سومرو، معراج لاشاري ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي صحافي جي ڀاءُ سهيل پلهه ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني ناھي، نه ئي ڪنهن پارٽي سان تعلق آھي. اسان حق سچ جي صحافت ۽ مظلوم جو آواز آھيون. ان کي دٻائڻ لا منهنجي ڀاءُ کي کنيو ويو آهي. ٻئي طرف پڊعيدن جي صحافين ۽ شهرين چيف جسٽس پاڪستان ۽ مختلف ادارن کان ڪئي ته شفاف جاچ ڪري اسان جي صحافي تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته اهو ظاهر ڪيو وڃي، نه ته جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button