سنڌ

سنڌ ۾ ننڍن ڏوهن ۾ قيد 1202 قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

عيدالفطر جي موقعي تي سنڌ حڪومت پاران ننڍن ڪيسن ۾ قيد ڪاٽيندڙ قيدين کي معافي ڏئي آزاد ڪرڻ واري حڪم کانپوءِ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد 1202 قيدين کي 6 مهينن جي رعايت ڏئي آزاد ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي جاري ڪيل بيان موجب ڪراچي سينٽرل جيل مان 371، حيدرآباد مان 264، سکر مان 233، لاڙڪاڻو مان 101، خيرپور مان 66، ميرپورخاص مان 47، وومين جيل ڪراچي مان 8، ملير مان 88، نوابشاهه مان 2، دادو مان هڪ، گھوٽڪي مان هڪ، لاڙڪاڻو، حيدرآباد وومين جيل مان هڪ هڪ قيدي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته حيدرآباد نارا جيل مان 13، انڊسٽريل اسڪول ڪراچي مان هڪ، انڊسٽريل اسڪول سکر مان هڪ، سکر ليڊيز جيل مان 4 قيدي عورتن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button