سنڌ

نواب شاهه ۾ جسقم جو ڪارڪن کي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو

نواب شاهه ۾ چانڊيا ڪالوني مان تشدد بعد کنڀي گم ڪيل ڪارڪن راشد چانڊيو جي بازيابي لاءِ جسقم نواب شاهه ۽ وارثن ڪالهه ٽئين ڏينهن به سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، سيد ناصر شاهه، ڪاشف لاکو، حنان عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو. احتجاج ۾ راشد چانڊيو جي وارثن ما شمشاد بيگم، پٽ مالڪ اشتر، عمار ياسر، ڌيئرن پاڪيزہ، طيبه ۽ سندس ڀائرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته رات جي وقت ڪارڪن راشد چانڊيو جي گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ سخت تشدد کانپوءِ ان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اڄ ٽيون ڏينهن آھي پر ڪوبه ڏس پتو ناھي. ھنن چيو ته راشد چانڊيو پرامن ۽ ڪاروباري ماڻھو آھي، ان کي جبري طور تي کنڀي گم ڪرڻ انتھائي شرمناڪ عمل آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪن راشد چانڊيو کي آزاد ڪري وارثن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button