سنڌ

نواب شاهه ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ڌار ڌار ريليون

نواب شاهه ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي مختلف مزدور تنظيمن الڳ الڳ ريليون ڪڍيون. ان ڏس ۾ سماجي تنظيم ھاري ويلفيئر ايسوسيئيشن اڪرم خاصخيلي، شھزاد خاصخيلي، فدا حسين مڪراني، ياسين خاصخيلي، معشوق علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سانگھڙ روڊ کان ريلي ڪڍي جيڪا شھر جو گشت ڪري نواب شاهه پريس ڪلب پھتي، جڏھن ته مزدور اتحاد نواب شاهه جي صدر ساگر حنيف لاکو، وزير رند، اعجاز شيخ ۽ ٻين تاج ڪالوني ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي جيڪا شھر جو گشت ڪري پريس ڪلب پھتي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جي پرامن مزدورن پنهنجي رت سان تاريخي جدوجهد جو هڪ سونهري باب لکيو، جنهن کي سڄي دنيا جا مزدور هڪ نئين عزم سان ياد ڪندا آهن. ھنن چيو ته مزدورن جي اجرت کي وڌايو وڃي ۽ ڪم جي وقت کي گهٽايو وڃي. هن چيو ته ھن ڏينهن تي دنيا جي ظلم ۽ ناانصافي ۽ سرمائيدارن جا ستايل مزدور پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهد ڪندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button