سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ بيدي لاشاري تي پوليس جي چڙهائي خلاف رهواسين لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين هادي بخش، احمد خان، عبدالستار، پيارل، خدابخش لاشاري ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊي ايس پي احسان بليدي پوليس جي 20 موبائيلن سان گڏجي ڳوٺ تي بيگناهه چڙهائي ڪري وڏيري بادل خان لاشاري جي اوطاق، گهرن ۽ ٿريشرن کي باهيون ڏئي ڪڻڪ جون 300 مڻ ڪڻڪ، ڀاڻ جون 53 ٻوريون، 40 ٻڪريون، 20 مينهون، 300 سولر پليٽون، 3 سولر پلانٽ کڻي 7 عورتن ۽ 11 ٻارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته اسان بيگناهه آهيون ۽ اسان مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل ناهي پر ان باوجود پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري تنگ ڪري رهي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرفتار عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائي ڊي ايس پي احسان بليدي ۽ ٻين اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري چوپايو مال ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. حيدرآباد ۾ علي محمد لاشاري، الطاف لاشاري، مهراڻ لاشاري، شاهه مراد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪيو.هنن اپيل ڪئي ته گهرن تي پوليس جي چڙهائي ۽ ڦرلٽ جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي. ٽنڊوالهيار ۾ لاشاري اتحاد پاران عبدالرزاق لاشاري، غلام حسين لاشاري، پنهل لاشاري، سليم لاشاري، برڪت لاشاري، بخش علي لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button