سنڌ

شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا:پورهيتن کي حق ڏيارڻ لاءِ ريليون

شڪاگو جي شهيد پورهيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ۽ پورهيتن کي حق ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ٺٽي ۾ کاٻي ڌُر جي وطن دوست تنظيم پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان پريس ڪلب ٺٽو آڏو اعجاز جاکرو، سلمان جاکرو، جبار ڀنڀرو، ذاڪر شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورھيتن تي ٿيندڙ جبر ۽ سرمائيدارن جي ھڪ ھٺي خلاف ۽ شڪاگو جي شھيد پورھيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ مظلوم طبقن ۽ قومن جي ٻڌي جي اھميت تي ڳالھايو ويو. اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ريلوي، پي آئي اي، اسٽيل مِل، واپڊا، تعليم ۽ صحت سميت سمورن سرڪاري ادارن توڙي شعبن جي نجڪاري جي ڪوششون بند ڪيون وڃن. پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اُجرت هڪ تولي سون برابر ڪئي وڃي. ميرپور بٺورو ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين پاڪستان پاران ميرپوربٺورو جي تلاءُ چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي بس اسٽاپ تي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي رشيد آزاد سومرو، جبار زئور، ڪامريڊ سڪندر، غلام حسين ميربحر، ڪامريڊ غني زئور ۽ ٻين ڪئي. مسوڀرڳڙي ۾ پورهيت مزاحمت تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي جي ڪارڪنن جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي پورهيت مزاحمت اڳواڻ مير اعجاز ڇلگري، نريش بيرام، قربان عالماڻي ۽ ٻين چيو ته پورھيتن جي خوشحالي لاءِ ضروري آھي ته انهن جي روزاني اجرت وڌائي صحت ڪارڊ ڏنا وڃن، مزدورن کي رھائشي گهر ڏنا وڃن، مزدورن جي اولاد کي مفت معياري تعليم ڏني وڃي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ يقيني بنايو وڃي.

ٽنڊو غلام علي پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين ۽ انقلابي هاري جدوجهد طرفان مير جي گيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي مزدورن، هارين، شاگردن، استادن ۽ مختلف پيشن سان لاڳاپيل باشعور ماڻھن شرڪت ڪئي. اڳواڻن ڪريم لغاري، مقبول لغاري، رضوان رند، امير بخش رند، رتن ڪمار، هيرو لعل، عمران ڪنڀر ۽ اعظم خاصخيلي، عبدالجبار منڱريو، سيد سجاد علي شاهه، ڪرمڻ سنڌي ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو. شاهپورچاڪر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن هٿن ۾ پينا فليڪس کڻي مين ناڪي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي علي مراد ڏاهري، ملڪ عزيز غوري، علي اصغر ۽ جاويد ملڪ جي اڳواڻي ۾ نعريبازي ڪئي. جوھي ۾ پي ٽي يو ڊي سي پاران امين لغاري، محرم سومرو، خادم کوسو، خليل عارف سومرو، الھورايو سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. خيرپور ناٿن شاھه ۾ پاڪستان ٽرينڊ يونين ڊفينس ڪمپين جي ڪارڪنن سهيل چانڊيو، اعجاز ٻٻر، عيسيٰ چانڊيو، بابر چانڊيو، مزدور يونين جي اڳواڻ وزير گاڏھي ۽ انصار ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. دادو ۾ پورهيت يونين جي سڏ تي هاءِ ويز ليبر هال کان پورهيتن محمد موريل پنهور، راجا رفيق پنهور، ضمير ڪوريجو ۽ ٻين ريلي ڪڍي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button