سنڌ

ڄامشوري ۾ مسجد نبوي جي بيحرمتي خلاف احتجاجي ريلي

ڄامشوري ۾ مسجد نبوي جي بي حرمتي ۽ شاهزين بگٽي جي تذليل خلاف جمهوري وطن پارٽي ۽ بگٽي برادري هڪ ڪلو ميٽر تائين احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. مسجد نبوي جي بي حرمتي واري واقعي ۽ ايم اين اي شاهزين بگٽي تي حملي واري ڪوشش خلاف جمهوري وطن پارٽي ۽ بگٽي برادري جي ماڻهن عبدالرحيم بگٽي، محمد اسحاق بگٽي، حاجي محمد شريف بگٽي، حافظ علي جان چانڊيو، حاجي محمد حسن بروھي، خير محمد بگٽي، مياد بگٽي، مهراب کوسو، نور محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ۽ بگٽي برداري جي ماڻهن سيوھڻ روڊ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين هڪ ڪلو ميٽر احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آ پنهنجي حڪومتي ناڪامي بعد بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ان جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ حد کان وڌيڪ ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن. هنن چيو ته مدينا منوره ۾ مسجد نبوي صه جي بيحرمتي ۽ بگٽي قبيلي جي معزز ايم اين اي شاهزين بگٽي تي حملو ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ اهڙي عمل سبب پوري دنيا ۾مسلمانن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو آهي. هنن چيو ته عمران خان جيڪو پاڪستان کي رياست مدينا ٺاهڻ جي دعوي’ ڪندو آهي ان جي اشارن تي ئي مدينه منوره جي توهين ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ايم اين اي شاهزين بگٽي تي حملو ڪرڻ سان بگٽي قبيلي ۾ هڪ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي پر انهن ۾ صبر صرف پنهنجي سردار شاهزين بگٽي جي سخت هدايتن جي ڪري آهي نه ته پي ٽي آ جي اڳواڻن کي ملڪ ۾ ڪٿي به لڪڻ جي جا نه ملي.هنن مطالبو ڪيو ته مسجد نبوي جي بيحرمتي ۽ شاهزين بگٽي تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button