سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مختلف پورهيت تنظيمن جون ريليون

لاڙڪاڻي ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف پورهيت تنظيمن الڳ الڳ ريليون ڪڍي تقريبون منعقد ڪري شڪاگو جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وطن دوست مزدور فيڊريشن پاڪستان ضلعي لاڙڪاڻي طرفان لاهوري پاڙي ليبر هال کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي وطن دوست مزدور فيڊريشن جي صوبائي چيئرمين ڪامريڊ گلشير شر، صوبائي صدر زوار گوپانگ، ڪامريڊ قادر ڪرد، ضلعي صدر گل ڪورائي، نياز حسين ٻٻر، ڪامريڊ حيدر جويو، بخت علي سولنگي، امتياز علي عباسي ۽ ٻين چيو ته حڪومت اڄ جي پورهيتن سان به شڪاگو جي شهيدن جهڙو ورتاءُ ڪري رهي آهي. مزدورن کي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامني کانسوا ڪجهھ به ناهي ڏنو ويو. حڪمران مزدورن جا حق غضب ڪيو ويٺا آهن، حڪمران ۽ امير طبقو مزدورن جو رت چوسي ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا ٿا وڃن. هنن چيو ته شڪاگو جهڙي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ ورجائي پئي وڃي، جيڪڏهن هن جديد دور ۾ به پورهيتن کي پنهنجا حق نه ڏنا ويا ته پوءِ شڪاگو جي شهيدن جيان اسان به رستن تي اچي وينداسين. هنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ پورهيتن کي مليل حق فوري طور ڏنا وڃن، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، مزدورن کي سبسڊي ڏئي کاڌ خوراڪ جون شيون سستيون ڪيون وڃن، رائيس فيڪٽرين توڙي صنعتي ادارن سميت سمورن مزدورن کي حڪومت پاران مقرر ڪيل 25 هزار اجرت ڏيڻ لاءِ هر اداري ۾ فوري طور عمل ڪرايو وڃي، مزدورن لاءِ تعلقي سطح تي ليبر ڪالونيون تعمير ڪرائي حقيقي مزدورن کي گهر الاٽ ڪيا وڃن، پورهيتن کي اِي او بي آ ۽ سوشل سيڪيورٽي ادارن ۾ رجسٽرڊ ڪري هر مزدور کي ڪارڊ جاري ڪيو وڃي، رجسٽرڊ مزدورن جي اولاد کي مفت تعليم، نياڻين کي ڏاج ۽ فوتي مزدورن جي وارثن کي ڊيٿ گرام جي سهولت ڏني وڃي، بلديات کاتي جي ملازمن کي پگهارون ۽ پينشن ٽريزري ذريعي جاري ڪيون وڃن، ليبر کاتي پاران فيڪٽرين ۾ 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ۽ اور ٽائيم واري قانون تي عمل ڪرايو وڃي، ايف ايف سي، اينگرو، سوئي گئس ۽ ماڙي پيٽروليم سميت سمورن ادارن ۾ ڪچن ۽ ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن پيپلز ليبر بيورو ضلعي لاڙڪاڻي طرفان مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيپلز سيڪريٽريٽ ڪينيڊي مارڪيٽ آفيس کان رفيق احمد سومرو، انعام ابڙو، ارشاد ڀٽو، عبدالستار کٽياڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي. پيپلز ليبرو بيورو سٽي لاڙڪاڻي پاران صوبائي نائب صدر جاويد حسين منگي، سٽي صدر غلام رسول شيخ، ذوالفقار علي سانگي، انور علي جتوئي، الھرکيو مغيري، قلندر بخش شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل جي ڀٽائي ادبي هال ۾ يوم مئي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، بئريسٽر ڪاظم خان عباسي، مرتضيٰ ڪورائي، مينهل انصاري، عبدالغني ڪلهوڙو، وحيد علي عباسي، مختيار عباسي، عبدالرزاق بروهي ۽ ٻين چيو ته عام واهپي جي شين اٽي، گيھه، کنڊ ۽ پيٽرول قيمتن ۾ واڌ غريب عوام ۽ خاص طور مزدور طبقي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، مزدورن کي اڄ به پنهنجا جائز ۽ بنيادي حق نه پيا ملن، جنهن ڪري هڪ ڀيرو وري متحد ٿي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button