سنڌ

سنڌ 42 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي:آبپاشي وزير

آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ شديد پاڻي کوٽ جو خدشو آھي، جڏهن ته ارسا اختيارين پاران سسٽم ۾ پاڻي گھٽتائي جو سبب ڄاڻائي سنڌ کي پاڻي جي مقرر ڪيل حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته سنڌ ھن وقت 42 سيڪڙو پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل سال اپريل 2021 ۾ سنڌ صوبي کي پاڻي معاھدي مطابق 22 سيڪڙو گھٽ پاڻي فراھم ڪيو ويو. پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته صوبي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل تباهه ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي. صوبائي وزير ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته پاڻي بحران سبب ڪراچي سميت صوبي جي ٻين شھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو بحران به پيدا ٿيندو. ھن وڌيڪ چيو ته ارسا اختيارين پاران 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ڪرڻ سبب شديد پاڻي کوٽ پيدا ٿي رھي آهي ۽ پاڻي ٺاهه تحت سنڌ صوبي کي فوري پاڻي فراھم ڪيو وڃي ته جيئن پاڻي جي کوٽ تي ضابطو اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button