سنڌ

عيد تي غريبن کي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ گهرجي:وزيراعليٰ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته عيدالفطر هڪ خوشين جو تهوار آهي ۽ مسلمانن لاءِ رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ کانپوءِ الله سائين پاران هڪ تحفو آهي. وڏي وزير چيو ته عيد جي موقعي تي غريبن کي پڻ پنهنجن خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سندس حڪومت پاران سموري صوبي ۾ سيڪيورٽيءَ جا فول پروف انتظام ڪيا ويا، جنهن ڪري واپاري مرڪزن ۾ ڪاروباري سرگرميون اوج تي رهيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي ڪابينا ۽ اسيمبليءَ جا ميمبر سندن تڪن ۾ عوام جا مسئلا معلوم ڪن ۽ عيد جي تهوار واري خوشين ۾ ضرورتمندن ۽ غريبن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو منشور به غريب عوام جي خدمت ۽ سندن مسئلن جو تدارڪ ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته عيد جي ان پرمسرت موقعي تي اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ عهد ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button