سنڌ

دائودي بوهرا جماعت سومر تي عيدالفطر ملهائي

ڪراچي سميت ملڪ ۾ دائودي بوهرا جماعت سومر تي عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي ۽ قيدت ۽ احترام سان ملهائي. دائودي بوهري جماعت سان واسطو رکندڙن سومر تي صدر جي طاهري مسجد سميت ڪراچي جي ٻين مختلف مسجدن ۾ عيدالفطر جي نماز پڙهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ امن جون دعائون گهريون ويون. ڪراچي ۾ ناظم آباد، شهيد ملت روڊ، آرام باغ سميت مختلف علائقن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، عيد نماز دوران ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بوهري جماعت خاني جي ڀرپاسي جا رستا رنڊڪون وجهي بند ڪيا ويا هئا، پوليس ۽ رينجرز سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا، بوهري برادري جماعت خاني ۾ عيد جي نماز پڙهي ۽ هڪ ٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. مصري ڪلينڊر تحت هلندڙ بوهرا برادري تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به عيد ملهائي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button