سنڌ

هڱورجا ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو،هڪ قتل،6 ڄڻا زخمي

ھڱورجا ڀرسان زرعي زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ھڪ ڄڻو هڪ ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ھڱورجا ڀرسان ڳوٺ بخشل مڱڻيجو جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ ري دودو خان، آصف علي، غلام نبي مڱڻيجو، محمد ڇٽل مڱڻيجو، ارشاد علي، عزيز الل، اصغر نديم ۽ سڌير مڱڻيجو سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ھڱورجا اسپتال نيو ويو، جتان ھڪ زخمي محمد ڇٽل مڱڻيجو کي نازڪ حالت ۾ خيرپور اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ھوڏانھن آخري اطلاع تاۂئين جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button