سنڌ

قاضي احمد ڀرسان المناڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 7 ڀاتي سڙي فوت

ٽنڊوآدم کان مورو ڀرسان پنھنجي ڳوٺ کاھي ماڇي ۾ عيد جون خوشي ملھائڻ لا ڪار وسيلي ويندڙ ھڪ ئي گھر جي 7 ڀاتين جي ڪار سڪرنڊ ۽ قاضي احمد جي وچ ۾ ريڻ شاخ وٽ نيشنل ها وي تي ڪلٽي ٿي شاخ ۾ ڪري پئي، ان دوران گاڏي کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪار ۾ سوار 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ افضل پٽ محمد صديق ماڇي، سندس ٽي ڀينرون تھمينا، تانيا ۽ مھڪ جڏھن تہ سندس چاچي خاتون زال محمد عيسيٰ ماڇي، سندس 2 معصوم ٻارڙا فلڪ ماڇي ۽ انم ماڇي شامل آھن، فوتين جا مڙهه اسپتال نيا ويا، جتي وارث پهچڻ بعد قيامت صغرا جو منظر ڇانئجي ويو. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مڙهه ايمبولينسن ۾ ڳوٺ پھچايا ويا ته گھرن ۾ ماتم برپا ٿي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇانئجي وئي. فوتي افضل ماڇي جي ما ۽ پي محمد صديق کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. فوتين جا لاش ھڪ ئي وقت گھر مان کڄڻ تي ڀرپاسي جا سوين ماڻهو اوڇانگارون ڏيندي روئيندا رھيا، جنازي نماز بعد مڙهه اباڻي قبرستان نور شاہه ۾ مٽي ما حوالي ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button