سنڌ

نوشهروفيروز ۾ گمشدگين خلاف جسقم ۽ وارثن جي ريلي،ڌرڻو

نوشهروفيروز ۾ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم اڳواڻ ۽ وارث ريلي ڪڍي الله والا چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب روڊ جي چئني پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن شرجيل تڳر، زاھد مري، صحافي حيدر پلھه سميت ٻين ڪارڪنن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي جسقم جي شاھنواز سنڌي، ساجد سولنگي، پيار علي تڳر، شھباز مستوئي، نعمان علي تڳر، اصغر ڀنگوار ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته حڪمران سنڌي قوم مٿان ظلمن جا پھاڙ ڪرائي رهيا آهن. ظلم، ڏاڍ، جبر، بربريت، جاري ۽ ساري آھي. سنڌين جا ٻچا گھرن ۾ محفوظ ناھن. اسيمبليون، قانون، پوليس، عدالتون بيوس بڻيل آھن، جن لا ڪوبه قانون لاڳو نٿو ٿئي. قانون کان مٿانهان قدم کنيا پيا وڃن. انساني حقن جي لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيلن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button