سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان 4 گهر سڙي رک،3 ٻڪريون ۽ ڳئون مري وئي

اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ خميسو چاچڙ ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب چئن گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻي لال بخش چاچڙ سندس ڀا حسين بخش ۽ پٽن جا چار گهر سڙي ويا. گهرن ۾ پيل اناج، بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. چوپايو مال 3 ٻڪريون ۽ هڪ ڳئون به سڙي مري وئي. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. هوڏانهن باهه متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته باهه سبب اسانجا گهر سڙي ويا آهن، جنهن ڪري گهرن ۾ پيل سامان سڙي ويو آهي. لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button