سنڌ

ٻن اڍائي مهينن ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو:پير پاڳارو

جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري پير صبغت الله شاهه چيو آهي ته ٻن اڍائي مهينن ۾ مهانگائي جو طوفان ايندو. عوام مهانگائي کي منهن ڏيڻ لا تياري ڪري. ڪرونا وائرس اڃا ختم ناهي ٿيو. عوام احتياط ضرور ڪري. هن اهڙو اظهار عيدالفطر جي موقعي تي پير جو ڳوٺ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکين مريدن ۽ عقيدتمندن کي خطاب ڪندي ڪيو. پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته مليريا بيماري جڏهن آئي هئي ته ڪيترائي ماڻهو مري ويا هئا. ان جو علاج به دريافت ٿيو پر مليريا اڃان به آهي. ڪرونا وائرس به ائين هلندو رهندو. پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو ۽ نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو. ڇو ته نياڻين جي تعليم اڳتي کين ضرور ڪم ايندي. پاڻ ۾ پيار، محبت، امن ۽ ايڪي سان رهڻ گهرجي. ان موقعي تي ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لا دعا پڻ گهري وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button