سنڌ

جسقم جار ڪارڪن عدم تشدد جا پيروڪار آهن:امجد مهيسر

پڊعيدن مان 8 ڏينهن اڳ کنڀي گُم ڪيل صحافي سميت ڪارڪنن جي بازيابي لا جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر پريس ڪلب پڊعيدن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جسقم جا ڪارڪنن عدم تشدد جا پيروڪار آھن. سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي اغوا ڪري تشدد ڪري يا ته انهن جا لاش ڏنا ٿا وڃن يا وري سالن تائين کين قيد ڪرڻ بعد آزاد ٿو وڃي، جيڪو ظلم آھي. امجد مهيسر چيو ته پڊعيدن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قومي ڪارڪنن لا ٻارڻ ٻريل آھي. اسان صرف سنڌ جي حقن جي ڳالھه ڪيون ٿا. هن اعلان ڪيو ته صحافي حيدر پلھه جي وارثن جي ڌرڻي جي حمايت ڪيون ٿا ۽ سڀاڻي نصرت ڪئنال پل بلاڪ ڪري ايستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو، جيستائين صحافي حيدر پلھه ۽ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويندو. ان موقع تي امجد مهيسر، انعام گل مري، پير راجا، منصور کنڊ، عطا محمد شر، جبران شر، حاجي خان ۽ ٻيا شامل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button