پاڪستانسنڌ

جهيڙو وڏو آهي، عمران کي چيو هئم ته نه بچندين:آصف زرداري

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته جھيڙو وڏو آھي، اسان جون ڪوششون به وڏيون آھن. ازل کان وٺي مظلوم ۽ ظالم جي جنگ آھي. روز شڪليون مٽائي ايندا آھن. ڪڏھن مشرف ٿي ته ڪڏھن ضياءُالحق ٿي ايندا آھن ته ڪڏھن ڪھڙا ٿي ايندا آھن ۽ ھاڻي عمران ٿي آيو آھي. عمران خان کي مان پھريان ئي چيو ھئو ته تون نه بچندين، توکي ڪون ڇڏينداسين. ڀٽو صاحب کي عوام سان عشق ھو تڏھن ڦاھي چڙھي ويو. ڀٽو صاحب چاھي ھا ته آمريڪا يا دبئي ھليو وڃي ھا پر ھو نه ويو. مون کي به چيائون ته کوڙ ماڻھو ٻاھر ھليا ويا تون نٿو وڃين. مان چيو ته منھنجي مرضي آھي، ھو وڏا ماڻھو آھن. مان غريب آھيان. مان نٿو وڃان. اسان جي ملڪ تي قرض وڌي ويو آھي. ملڪ ائين ڪونه ٿا ھلن. ملڪ جفاڪشي سان ھلن ٿا. پرويز الاھي مون سان واعدو ڪري ڀڄي ويو پر ھن جو وڏو ڀاءُ مون سان گڏ بيٺو آھي. ھن پنھنجا 2 ايم اين اي به مون کي ڏنا. ماڻھن کي خبر آھي ته زرداري جيڪو واعدو ڪندو آھي، اھا زبان پوري ڪندو آھي. هن اهڙو اظهار ٻانڌي ۾ مظفر حسين جمالي ۽ ممتاز علي جمالي جي عيد ملن پارٽي دوران جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button