سنڌ

رتوديرو ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد خلاف ڌرڻو

رتوديرو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ۽ ٻين ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي شهيد بينظير آباد خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين شهر جو گشت ڪري رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي هنن ڌرڻو هنيو. اڳواڻن اختر بليدي، صدر ايراني، وزير جتوئي، امتياز شاهه ۽ ٻين چيو ته ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ونگار وهندي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻين ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، ايس ايس پي نوابشاهه چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھرن ۾ گھڙي عورتن سان بداخلاقي ڪئي آهي، اسان هنن جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ٽي پي جي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button