سنڌ

ڪراچي ۾ 594 ايم جي ڊي پاڻي کوٽ: پاڻي چوري خلاف ڀرپور آپريشن جو فيصلو

وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ بابت اجلاس ٿيو، وڏي وزير ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ڪارڪردگي بهتر بڻائي پاڻي جي ورڇ واري نظام کي شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پاڻي چوريءَ خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن شهر جي کوٽ وارن علائقن کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته شهر کي گڏيل طور تي 406 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته 1000 ايم جي ڊي پاڻيءَ جي گهرج آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي ورڇ وارو نظام ڪيترائي ڏهاڪا پراڻو آهي، تنهن ڪري پاڻي جي ورڇ وارو نظام متاثر ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ وڇايل پائپ پراڻا ۽ ڳري چڪا آهن، جنهن ڪارڻ پائپ لائن مان گهڻي مقدار ۾ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي ڊبليو ايس بي پاڻي جي ورڇ وارو نظام ايترو خراب آهي، جو شهر جي ڪجهه علائقن ۾ 24 ڪلاڪ پاڻي ملي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي علائقا هفتن جا هفتا انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ان نظام کي انصاف پسند بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن ڪي ڊبليو ايس بي کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻيءَ جي ٽرنڪ مين ليول ۽ ٽائون ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ تي پاڻي جي ورڇ لاءِ هڪ زوننگ پلان تيار ڪري ته جيئن ٽيل اينڊ صارفين کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button