سنڌ

سنڌ جي گورنر لاءِ نسرين جليل مضبوط اميدوار

ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران سنڌ جي گورنر لاءِ موڪليل پنجن نالن ۾ نسرين جليل ۽ عامر چشتي مضبوط اميدوار طور سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب اڳواڻن جي اڪثريت نسرين جليل جي پارٽي ڊگهي عرصي کان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري کيس نئين گورنر طور ڏسڻ گهري ٿي ۽ حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ان جي مقرري ڪئي وئي ته رعنا لياقت علي خان کان پوءِ اٽڪل پنجن ڏهاڪن ۾ اعليٰ عهدو ماڻيندڙ پهرين عورت گورنر هوندي، جيڪا 1973 ۾ سنڌ جي گورنر بڻي هئي. تفصيل موجب پارٽي جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر نسرين جليل، سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر ۽ اڳوڻو ميئر ڪراچي وسيم اختر قومي اسيمبلي ميمر ڪشور زهره ۽ بزنس مين عامر چشتي جو نالو وزيراعطم شهبازشريف کي اماڻيو ويو آهي (ن) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ اقتدار جي تقسيم جي معاهدي مطابق ٻن وفاقي وزارتن سان گڏوگڏ سنڌ جي گورنر جو عهدو به ڏنو ويو هو، سينيٽر فيصل سبزواري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر امين الحق ڪابينا جي پهرين مرحلي ۾ وفاقي وزيرن جي حيثيت سان حلف کنيو پر ايم ڪيو ايم وٽ پارٽي جي ٻن سينيئر اڳواڻن وچ ۾ مبينا ڇڪتاڻ جي ڪري ڪيترن ئي ڏينهن کان گڏيل اميدوار جو فيصلو نه ٿي سگهيو، ڇو ته ٻئي اميدوار هي اهم عهدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اڪثريت محسوس ڪيو ته پارٽي کي گورنر جو رسمي عهدو نه وٺڻ گهرجي ڇو ته ان وٽ گڏيل اميدوار نه آهي پر جڏهن نسرين جليل جو نالو بحث هيٺ آيو ته ذريعن ٻڌايو ته فيصلا سازي جي عمل ۾ تقريبن سڀني ان تي اتفاق ڪيو ڇو ته نسرين جليل وٽ ٻه ڀيرا سينيٽر ۽ 2005 کان 2010 جي وچ ۾ سٽي ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان ڊپٽي ميئر ڪراچي رهڻ جي حيثيت سان انتظامي ۽ قانونسازي ٻنهي جو تجربو آهي، نسرين جليل پنهنجي مرحوم مڙس ايم اي جليل سان ايم ڪيو ايم سان گڏ بيٺي رهي جڏهن ايم ڪيو ايم کي لنڊن مان الطاف حسين جي اڳواڻي ۾ هلايو پئي ويو ته ان وقت به کيس هميشه هڪ معتدل ۽ سمجهدار آواز سمجهيو ويندو هو، جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ان جو والد لاهور جو ڊپٽي ڪمشنر هو ان جي ڀيڻ ياسمين لاري هڪ مشهور تعميرات ماهر آهي. ذريعن ٻڌايو ته ڪراچي جي اڳوڻي ميئر وسيم اختر ۽ عامر خان جي نالي تي مقتدر حلقن اعتراض اٿاريا آهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button