سنڌ

نئون ديرو ۾ سيپڪو جي کليل ڪچهري، شڪايتن تي ميٽر ريڊر معطل

نئون ديرو جي ريسٽ هائوس ۾ سيپڪو جي کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي. کلي ڪچهري ۾ اي سي سيپڪو عبدالغفار ماڪا، ڊي سي ايم اصغر سانگي، ايڪسيئن سيپڪو رورل ظهور قريشي سميت پ پ جا اڳواڻ سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي شھرين 10 لک 30 ھزارن جو ادائگيون ڪيون. ان موقعي تي اي سي سيپڪو شهرين جي بلن ۾ لڳايل ڊٽيڪشن بل ڪٽرايا. ان موقعي تي شهرين سيپڪو عملدارن جي اخلاق کان ڪريل رويي ۽ ناجائزين بابت شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا. شهرين جي شڪايتن تي انجنيئر ميٽر ريڊر مڪيش کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو. کلي ڪچهري ۾ شهرين واڌو ڊٽيڪشن ۽ ڳرا بل اماڻڻ جون شڪايتون ڪيون، جنهن تي سيپڪو عملدارن ڊٽيڪشن بلن کي ڪاٽي اماڻيل ڳرن بلن جي شڪايتن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي انجنيئر سيپڪو ڳالهائيندي چيو ته هاڻي بجلي جي بلن مان ڊٽيڪشن بلن کي ختم ڪيو ويندو، ان لاءِ شهرين کي ٿورو وقت ڏيڻو پوندو ۽ شهرين سان سيپڪو عملدارن جو آزار به نه ٿيندو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو ڳالھائيندي چيو ته لاڙڪاڻي جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته ڪاٽيل بل ٻيهر نه لڳي ايندا، شھرين 10 لک 30 هزار جون بل ادائگيون ڪيون آھن، اسان کي اي سي سيپڪو يقين ڏياريو آھي ته ماضي جو ورجا نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button