سنڌ

2000ع کان پاڻي معاهدي تي عمل ناهي ٿيو،سنڌ ۾ پاڻي جي 40 سيڪڙو کوٽ آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڻي کوٽ جي صورتحال انتهائي تشويشناڪ آهي. 2000ع کان بین الصوبائي پاڻي معاھدي تي عمل ناهي ٿيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي. سي سي آئي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ وزيراعظم شھباز شريف کي درخواست ڪئي آھي. 1991ع پاڻي معاھدي تي عمل ڪيو وڃي. 2021ع جي اپريل مھيني ۾ تربيیلا ۾ 9 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ھئي. سنڌ کي گذريل سال کان ھن سال 25 سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته آئون پاڻ دادو ڪئنال جو زميندار آھيان. دادو ڪئنال جي ڊيمانڊ 4 سيڪڙو آھي پر پاڻي زيرو آهي. نارا ڪئنال تي پاڻي چوري روڪڻ لاءِ رينجرز کي درخواست ڏني آهي. مجموعي طور تي 40 سيڪڙو گھٽ پاڻي مليو آهي، جنهن ڪري بحران واري صورتحال جنم ورتو آھي. وونئڻن جو فصل متاثر ٿيو آهي. سکر بيراج جي بحالي جي حوالي سان ڪم جاري رھندو. نئين بيراج بابت اسٽڊي ڪئي آهي. ھن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ پيرا ٽو تي عمل ڪرائي چشما ۽ جھلم لنڪ بند ڪرايا ھئا. اسان جي حڪومت ۾ 2011ع ۽ 2013 ۾ پاڻي جي کوٽ نه ھئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button