سنڌ

گهوٽڪي ۾ بلدياتي چونڊن لا مهر گروپ ۽ جي يو آ ۾ ڳالهيون

گهوٽڪي ۾ مهر گروپ ۽ جي يو آءِ ۾ اتحاد لاءِ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون. جي يو آءِ جي وفد مهر گروپ اڳواڻ علي گوهر مهر، سندس ڀاءُ راجا خان مهر ۽ حاجي خان مهر سان ملاقات ڪري سندس آڏو مطالبا رکيا. جي يو آءِ وفد مولانا اسحاق لغاري، حافظ سراج چنه ۽ حافظ نصرالله گبول جي اڳواڻي ۾ مهر گروپ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. مهر گروپ اتحادين سان صلاح مشوري لاءِ جي يو آءِ وفد کان 24 ڪلاڪن جي مهلت گهري ورتي آهي. جي يو آءِ مهر گروپ کان ميرپورماٿيلو جي ٽن يوسين ۽ خانڳڙهه جي ٻن ۽ گهوٽڪي جي ڪجھه اڪثريت وارين يوسين جي چيئرميني گهري ورتي آهي. ذريعن دعوى ڪئي آهي ته جي يو آءِ پاران مهر گروپ آڏو رکيل مطالبن ۾ ڪجھه يوسيز تي وائيس چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل ميمبرن جون سيٽون گهري ورتيون آهن. جي يو آءِ پاران رکيل مطالبا مڃڻ جي صورت ۾ مڪاني چونڊن دوران مهر گروپ جي سپورٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button