سنڌ

ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ 2 وزارتون ۽ صلاحڪاري ڏيڻ جو فيصلو

پ پ ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 2 وزارتون ۽ ھڪ صلاحڪاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، پ پ قيادت ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آھي تھ پ پ پاران انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ صنعت و تجارت وارا کاتا ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ايم ڪيو ايم پاران ھائير ايجوڪيشن ڪميشن واري کاتي واري مطالبي تي به پ پ پاران غور ڪيو ويو آھي، صلاحڪاري ڏيڻ جو امڪان آھي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پ پ ٻن وزارتن جي آڇ ڪري ڇڏي آھي، ايم ڪيو ايم قيادت سڀاڻي تائين شموليت بابت جواب ڏيندي، ايم ڪيو ايم قيادت پاران ٽن وزارتن سميت ٻن صلاحڪارن جو به مطالبو ڪيو ويو ھو. پ پ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايڊمنسٽريٽر جي مقرري لا به ايم ڪيو ايم کان نالا طلب ڪيا ويا آھن، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وھاب کي گھرو کاتي جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو به امڪان آھي، نسرين جليل جي گورنر طور مقرري بعد ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button