پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه ماءُ سان محبت جي اظهار جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. سوشل ميڊيا تي عوام ماءُ سان محبت جي اظهار لاءِ خوبصورت ويڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪيون. سوشل ميڊيا تي جتي ماڻهن پنهنجي والدين سان تصويرون شيئر ڪيون، اتي سندن بهتر صحت ۽ ڊگهي عمر جون دعائون به گهريون، اتي ماڻهو نصيحت ڪندي پڻ نظر آيا ته جن جا والدين حيات آهن، انهن جي خدمت ۽ فرمانبرداري ڪئي وڃي. سوشل ميڊيا تي صارفين خوبصورت شعرن جو پڻ سهارو ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close