سنڌ

سنڌ کي فوري طور تي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي:اڪرام ڌاريجو

سنڌ جي صنعت، واپار ۽ امداد باھمي واري وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو پنهنجي بيان ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبي کي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، ان ڪري سنڌ کي ١٩٩١ جي معاھدي تحت فوري طور تي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي. ڄام اڪرام الله ڌاريجي وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ ڪينال واٽر جي بااختيار اداري ارسا جو اجلاس به بنا دير طلب ڪيو وڃي ته جيئن معاهدي تي عملدرآمد ٿي سگهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌو درياهه جي گڊو بئراج مان وهندڙ واهه بي ايس فيڊر بند آهي، جنهن سبب سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جا هاري سخت مشڪلاتن ۽ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿي ويندا ۽ هارين کي سخت بحران کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، ان ڪري 1991ع واري معاهدي تي عملدرآمد وقت جي اھم ضرورت آهي. هن چيو آهي ته ماضي ۾ سنڌ سان پاڻي جي مسئلي تي زيادتي ٿيندي رھي آھي، هاڻي ان مسئلي جو منصفاڻو حل ڳوليو وڃي ۽ سنڌ صوبي جي عوام سان ٿيندڙ ظلم جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button