سنڌ

موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ گرمي ٿيڻ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

ملڪ جي ميداني علائقن ۾ موسم ڪالهه شديد گرم رهي، جڏهن ته سنڌ ۾ گرمي جي لهر وڌيڪ هڪ هفتي تائين رهي سگهي ٿي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته گرمي جي لهر سبب پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 7 کان 9 ڊگري تائين وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو. طبي ماهرن شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منجهند جو بنا ضرورت گهران نه نڪرو، مٿو ڍڪي رکو، هلڪا ڪپڙا پهريو، پاڻي وڌيڪ پيئو ۽ هلڪي غذا کائو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button