سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پوليس پاران کنڀي گم ڪيل پيرسن جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي غالب نگر بروهي ڦاٽڪ واري علائقي جي رهواسين پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پيرسن جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت هيرو چانڊيو پنهنجي گهرواري ضميران خاتون، پڦي انور خاتون، پڦاٽ ذوالفقار چانڊيو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 6 مئي تي رات جي وقت پاڻ کي وارهه ٿاڻي جا اهلڪار سڏائيندڙ 5 کان وڌيڪ سول ڪپڙا پهريل اهلڪار منهنجي گهر ۾ داخل ٿي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان تشدد ڪندي منهنجي 60 سالن جي معذور والد حامد علي چانڊيو کي زبردستي کنڀي کڻي ويا آهن، اهلڪارن چڙهائي دوران گهر ۾ پيل 40 هزار روڪ، سونا زيور ۽ ٻي سامان جي ڦرلٽ ڪئي آهي. هن چيو ته پوليس جي اهڙي چڙهائي بعد مان حيدري ٿاڻي ۽ وارهه، وڳڻ سميت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي مختلف ٿاڻن تي پيرسن والد بابت جاچ ڪئي آهي پر سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته والد جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشان ٿي ويا آهيون جنهن لاءِ وس وارن کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي والد کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button