سنڌ

رتوديرو ۾ ڳوٺاڻن جو لاڙڪاڻي جي ايس ايڇ او خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ ڳوٺ باڪو خان کوسو جي ڳوٺاڻن لاڙڪاڻو جي ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ کوسو خلاف رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن محمد يونس، محمد اسماعيل، محمد اسحاق، زوار علي، اختيار کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو پنهنجي ذات وارن سان سڱاوتي معاملي تان مسئلو هلندڙ هو جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي پر ان باوجود ڄاڻايل ايس ايڇ او اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ کوسو پنهنجي ساٿين اڪبر، گلبهار ۽ سهراب کوسو سان گڏجي دوڪان ۾ پيل لکين روپين جون زرعي ضايع ڪرڻ سان گڏ پنج لک روڪ ۽ 100 مڻ سرنهن به پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي. هنن چيو ته اسان سان ايس ايڇ او ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي اسان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي تي اهڙي اين سي داخل ڪرائي آهي پر اتان جي پوليس به پنهنجي پٽي ڀائي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button