سنڌ

بي آر ٽي ريڊلائين منصوبو وقت سر مڪمل ڪيو ويندو:شرجيل ميمڻ

اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ اي ايف ڊي جي وفد ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا متعلق گڏجاڻي ڪئي، وفد ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو سينيئر اربن ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ لو آئيڊ رائيٽ، سي ڊبليو يو ڊبليو انچارج جيا حييونگ، سينيئر پروجيڪٽ آفيسر اي اي بي عمر علي شاهه، ايف ڊي ڊيوڊ مارگونزٽرن شامل هو. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ ٿارٽي الطاف ساريو، سي اي او ٽرانس ڪراچي واصف اجلال پڻ موجود هو. اجلاس ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي مسئلن ۽ منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لا تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير جي تجويز تي بي آر ٽي ريڊلائين پراجيڪٽ تي هر هفتي زوم اجلاس ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ حڪومت طرفان صوبائي وزير وفد کي منصوبو مڪمل ڪرڻ لا هرممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت طرفان ان ۾ ڪا دير نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير چيو ته منهنجي سموري ٽيم ۽ ڪانٽريڪٽر منصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪندا. هن چيو ته ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جو مشن آهي. صوبائي وزير چيو ته اورينج لائين منصوبو مڪمل ڪرڻ لا ٺيڪيدارن کي هڪ مهيني جي ڊيڊلائين ڏني آهي. صوبائي وزير چيو ته ريڊ لائين بايو گئس جو منصوبو آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهو ڪامياب ٿئي ته جيئن ان منصوبي کي حيدرآباد ۽ صوبي جي ٻين وڏن شهرن تائين وڌايو وڃي. صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين جي ڊپو لا زمين جي منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀينس ڪالوني ۾ بايو گئس پلانٽ لا 32 ايڪڙ زمين جي منتقلي جي معاملن کي مان ذاتي طور پاڻ ڏسندس. بي آر ٽي ريڊلائين جي سول ورڪ کي مقرر 24 مهينن جي مدت اندر مڪمل ڪيو ويندو. ان سان گڏ لا پراجيڪٽ لا بسن جي خريداري جي عمل کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن ئي پراجيڪٽ جو انفرااسٽرڪچر مڪمل ٿئي ته بسون موجود هجن. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئر اربن ڊولپمينٽ اسپيشلسٽ لو آئيڊ رائيٽ چيو ته پراجيڪٽ ماحول دوست آهي ۽ شهر جي ٻين بي آرٽيز کان مختلف آهي. هن چيو ته پراجيڪٽ جي ٻن ڊيپوز لا 8 ايڪڙ ايراضي جو مسئل آهي. هن چيو ته بايو گئس پلانٽ جي تعمير لا 32 ايڪڙ زمين جي منتقلي جو مسئلو آهي.
شرجيل ميمڻ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button