سنڌ

عمران نيازي نريندر مودي جي ٻولي ڳالهائڻ بند ڪري:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي نريندر مودي جي ٻولي ڳالهائڻ بند ڪري. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي دشمن ملڪن کي خوش ڪرڻ جي خطرناڪ ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، انارڪي ۽ شرانگيزي پکيڙڻ آهي. هن چيو ته عمران نيازي ملڪ جي اهم ادارن خلاف گندي زبان استعمال ڪئي، ان کي پاڪستاني عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جو عوام پنهنجي فوج، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن سان گڏ بيٺو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي نفرت جي ايجنڊا کي نه ڇڏيو ته محب وطن عوام عمران خان جي اهڙي پروپيگنڊا جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. هن چيو ته سڄي قوم ڄاڻي ٿي ته عمران خان جي سياست ڪوڙ سان شروع ٿي ڪوڙ تي ختم ٿئي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جا اعليٰ عهديدار، وزير ۽ اسيمبلي ميمبر فيصلو ڪن ته اهي پاڪستان سان گڏ آهن، يا عمران خان سان، جنهن ملڪ کي نقصان پهچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button