سنڌ

پير جو ڳوٺ ۾ آبادگارن جا پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا،ڌرڻا

پير جو ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. رپورٽ موجب پير جو ڳوٺ ۾ سنڌ هاري آبادگار ڪميٽي طرفان پاڻي جي کوٽ خلاف جنرل بس اسٽينڊ وٽ مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مشتاق آريجو، نسيم ڪانهر، عبدالخالق جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڪنگري تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهنڪري آبادگار پريشان ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ابل واهه مان نڪرندڙ سالار واهه جي آبادگارن ڪوٽپل اسٽاپ وٽ باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد انور سولنگي، محمد نازل، زاهد حسين، شبير، جنسار سولنگي ۽ ٻين چيو ته سالار واهه جي پڇڙي جي آبادگارن کي ٽن مهينن کان پاڻي نه ڏنو ويو آهي، جنهنڪري انبن، کجين، ڪيلن جا باغ، سبزيون سڙي سڪي تباهه ٿي ويا آهن. چوپايو مال اڃ تي مري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون. هنن گهر ڪئي ته جلد پاڻي ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button